عقيق (پٿر)

عقيق (پٿر)

عقيق پٿر

عقيق (پٿر): هن پٿر جو شمار مذهبي حوالي وارن پٿرن ۾ ٿئي ٿو. هن کي انگريزيءَ ۾ Agate ، فارسي ۾ عقيق، عربيءَ ۾ يمني ۽ سنسڪرت ۾ بليڪ چوندا آهن. هي گهٽ قيمت وارو پٿر آهي، جيڪو هر عام ۽ خاص جي پهچ ۾ آهي. هن کي ماڻهو برڪت لاءِ پائيندا آهن. مشهور آهي ته هن پٿر مان الٽرا وايو ليٽ ڪرڻا نڪري جسم ۾ جذب ٿيندا آهن. جيڪي جسم لاءِ ڪيترين بيمارين کان بچاءَ جو بندوبست ڪن ٿا. تاريخ ۾ هن پٿر/ ٻُڙي جو پتو مصر جي اهرامن مان ملندڙ زيورن مان پيو جيڪي مڙدن سان گڏ پوريل آهن. هي پٿر بي شمار رنگن ۾ ملي ٿو جيئن: کير جهڙو اڇو، پيلاڻ مائل، ڳاڙهاڻ مائل، خاڪي، نيرو، سائو، گلابي وغيره پر پڪين سرن واري رنگ ۾ ملندڙ عقيق جنهن کي ’يمني عقيق‘ چوندا آهن سڀني کان بهتر آهي. هن پٿر تي ڪو به عام تيزاب اثر نه ڪندو آهي. صرف هائڊروفلورائيڊ هن جي رنگ تي اثر ڪندو آهي. هن پٿر کي مختلف رنگن سان رڱيو به ويندو آهي. روايتن موجب حضر علي عه، حضرت امام تقي رضه ۽ حضرت امام جعفر صادق رضه، هن ٻڙي کي پسند فرمايو آهي. برطانيه جي عجائب گهر ۾ عقيق پٿر مان جڙيل ڪيترائي زيور پيل آهن، جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي هندوستان جي عقيق پٿرن مان ٺهيل آهن. ڪراچيءَ جي فيضي رحمين آرٽ گئلريءَ ۾ ڳاڙهي عقيق جو هڪ نمونو پيل آهي، جيڪو نادر نمونو سمجهيو وڃي ٿو. صلاح الدين ايوبيءَ جي تسبيح جا داڻا به عقيق پٿر جا هوندا هئا.
لاهور جي عجائب گهر ۾ هڪ مغليه خنجر جو دستو يا مٺيو، عقيق جو آهي. هن پٿر جي خاصيتن بابت روايتون آهن ته هي دل کي فرحت ڏيندڙ ۽ اکين جي نور لاءِ فائديمند آهي. زهريلن جيتن جي چڪ پائڻ واري جڳهه تي رکڻ سان عقيق فرحت ڏيندڙ آهي. هن کي منڊين ۾ پاتو وڃي ٿو. طبيب هن جو ڪشتو ڪري دل جي بيمارين، خفقان، وات مان رت اچڻ ۽ گهڻي حيض اچڻ جي بيمارين ۾ بطور دوا کارائيندا آهن.


لفظ عقيق پٿرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو